??سل??م آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن ز??يد النهيان سان ملاقات ٿي. گڏيل عرب امارات جي صدر 2 بلين آمريڪي ڊالر جي ??وجوده قرض کي رول اوور ڪرڻ ۽ هڪ بلين آمريڪي ڊالر اضافي ق??ض فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پنهنجي ??وئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۾ مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ??اءِ هر سطح تي ٻطرفي مٽاسٽا ۽ باقاعده ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي اتفاق ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ??و اي اي جي صدر شيخ محمد بن ز??يد النهيان کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت به ڏني، جنهن تي هن رضامندي ظاهر ڪئي، دوري جي تاريخن جو فيصلو سفارتي ذريعي ڪيو ويندو.