ابوظهبي – 13 – جنوري (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? سان گڏيل عرب امارات جي رواداري واري وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان ??لا??ات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? کيس پاڪستان ۾ توانائي، ايوي ايشن ۽ سياحت جي شعبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? ڪالهه جمعي ڏينهن هتي ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي رواداري واري وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان سان ??لا??ات ڪئي. شيخ نهيان وزيراعظم کي سڄي دنيا ۾ رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي قدرن جي فروغ لاءِ ان جي حڪومت جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. شيخ نهيان بن مبارڪ پاڪستاني ڪميونٽي جي لڳاءُ ۽ محنت کي ساراهيو جيڪي گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ نمايان ڪر??ار ادا ڪري رهيا اهن. وزيراعظم شهباز ??ري?? پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن کي ساراهيندي گڏيل عرب امارات سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، ثقافت ۽ سياحت سميت سمورن شعبن ۾ موجوده ٻطرفن رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم شيخ نهيان جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پنهنجي ڪاروبار بابت سيڙپڪاري ۾ پاڪستاني عوام تي اعتماد تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم کيس توانائي، هوابازي ۽ سياحت جي شعبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ گڏيل عرب امارات جي ڪوششن کي ساراهيو.