اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تعليم جي ذريعي ئي پاڪستان ??ومي ترقي کي يقيني بڻائي سگهي ٿو ۽ غربت، بيروزگاري، عدم برداشت ۽ انتهاپسندي جو خاتمو ڪري سگهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وجب 24 هين ايف سي ايس ڪانووڪيشن جي تقريب نيشنل ڊفينس يونيورسٽي (اين ڊي يو) اسلام آباد ۾ ٿي. ان ??وقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاص مهمان ??و. تقريب ۾ 4 پي ايڇ ڊي، 48 ايم فل ۽ 208 بي ايس گريجوئيٽس کي ڊگريون ڏنيون ويون. پهرين ۽ ٻي پوزيشن حا??ل ڪندڙن کي ميڊلز ۽ امتيازي سندون پڻ ڏنيون ويون. ان ??وقعي تي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي فارغ ٿيندڙ شاگردن کي انهن جي تعليمي ڪيريئر ۾ هڪ اهم سنگ ميل کي مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته تعليم جي ذريعي ئي پاڪستان ??ومي ترقي کي يقيني بنائي سگهي ٿو ۽ غربت، بيروزگاري، عدم برداشت ۽ انتهاپسندي جو خاتمو ڪري سگهي ٿو. آخر ۾ هن سمورن فارغ ٿيندڙ شاگردن، انهن جي والدين ۽ گهرڀاتين کي پنهنجي تعليم کي ڪاميابي سان ??ڪمل ڪرڻ تي دلي مبارڪباد ڏني. اين ڊي يو جي صدر ليفٽيننٽ جنرل نعمان ??حمود تقريب کي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪنهن به قوم جو ڪردار ان جي تعليمي ادارن ۾ جڙي ٿو. هن چيو ته تعليمي ۽ تحقيق ۾ اعليٰ معيار حا??ل ڪرڻ جي لاءِ اين ڊي يو پنهنجي شاگردن کي علم حا??ل ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول ۽ لاڳاپيل سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اين ڊي يو گريجوئيٽس کي پيشيواراڻي ڪيريئر ۾ ڪردار ۽ عزم جو مظاهرو ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن جا شاندار نتيجا آيا آهن. ان کان اڳ اين ڊي يو جي صدر ليفٽيننٽ جنرل نعمان ??حمود تقريب ۾ خاص مهمان، معززين، استادن، والدين ۽ شاگردن جو استقبال ڪيو.