اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي ناروي سان واپار، ڪاروبار، سيڙپڪاري، ماحول دوست توانائي، تعليم، هنرمند، دفاع ۽ روانگي واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار کي روايتي ۽ غيرروايتي روانگي واپار کي فروغ ڏئي ان جو موجوده ڪاٿو 128.404 ملين ڊالر کان وڌائي سگهجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ناروي جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير سعديه الطاف قاضي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته نامزد سفير ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان فعال طور تي رابطو برقرار رکي ۽ ڪونسلر خدمتن فراهم ڪري. صدر چيو ته سفير ٻنهي ملڪن جي يونيورسٽين ۽ ادارن جي وچ ۾ تعليمي، سائنسي، صنعتي تحقيق ۽ ترقي ۽ تعاون جي ميدان ۾ بامعنيٰ ۽ قابل عمل موقعا ڳولي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ناروي جي پينوراما حڪمت عملي 2021 – 2027ع تحت تعليمي تعاون ??ي وڌائڻ جي لاءِ ترجيحي ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان کي شامل ڪرڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته نامزد سفير يورپين فري ٽريڊ ايسوسيئيشن سان واپاري معاهدي تي ڪم تيز ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ گڏيل منصوبن جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ رابطو پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران مسلسل ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته اق??يتن سان امتيازي سلوڪ، ڌمڪيون، هراسان ڪرڻ ۽ اق??يتن کي پٺتي ڪرڻ جي و??ند?? واقعن ۽ اسلامو فوبيا جي و??ند?? رجحان کي پڻ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڀارت اق??يتن خاص طور تي مسلمانن جي جان ۽ مال کي شديد خطرن ۾وجهي رهيو آهي.