اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا ??باني کر چيو آهي ته ڪوپ 27 تاريخي ڪانفرنس هئي جنهن ۾ ٽن ڏهاڪن کان تعطل جو شڪار لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام عمل ۾ آهي، اهو فنڊ پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو، فنڊ جي ق??ام سان عالمي اتر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ واپاري خساري تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. شرم الشيخ ۾ ٿيندڙ ڪوپ 27 ڪانفرنس جي حو??لي سان منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا ??باني کر چيوته پاڪستان جي و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير ڪوپ 27 ۾ ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪئي ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو. و??ير??عظم ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهي کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪيو، و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي ق??ام جي حو??لي سان اهم ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ته ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي موسمياتي تبديلي واري وزير شيري رحمان چيو ته ڪوپ 27 ۾ ڪامياب سفارتڪاري تي سمورين ڌرين جا ٿورا مڃون ٿا، و??ير??عظم جي ق??ادت ۽ رهنمائي ۾ اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سان پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، موسمياتي تبديلي جي اثرن جو شڪار ملڪ ترقي يافته ملڪن کان تعاون چاهين ٿا. ان موقعي تي ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي موسمياتي تبديلي واري وزارت پاران پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين، امدادي سرگرمين، و??ير??عظم، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ وفاقي ڪابينا ??ي ٻوڏ متاثر علائقن جي دورن بابت ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي.