اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گذريل مهيني شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس کانپوءِ سيڪا سربراهي اجلاس ۾ اسان جو ڌيان پاڪستان جي تو??نائي، واپار ۽ علائقائي رابطن تي رهيو، وچ ايشيائي رياستن سان گهرا رابطا اسان جي حڪومت جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي مقصد آهي، اسان ٺوس پرڏيهي پاليسي چاهيون ?بادشاہ/121546.html">?ا جيڪا عمران خان جي حڪومت جي دور ۾ متاثر ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي جن سان تعاون جو فروغ سڀني جي گڏيل مفاد ۾ آهي. هن چيو ته وچ ايشيائي رياستن سان گهرو تعلق اسان جي حڪومت جو بنيادي مقصد آهي. ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان تعاون جو فروغ سڀني جي گڏيل مفاد ۾ آهي. اسان ٺوس پرڏيهي پاليسي چاهيون ?بادشاہ/121546.html">?ا جنهن کي عمران خان پنهنجي حڪومت جي دور ۾ نقصان پهچايو آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي اڳواڻن سان پنهنجي ملاقاتن ۾ اقتصادي ۽ واپاري رابطن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، سيڪا سربراهه اجلاس ۽ ايس سي او اجلاس ۾ تو??نائي، واپار ۽ علائقائي رابطن تي پاڪستان جو ڌيان رهيو. عالمي اڳواڻن سان ملاقات ۾ پاڪستان کي ڪاروبار دوست ملڪ جي طور تي پيش ڪري رهيو آهيان.