آستانه – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪس??ان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ توانائي جي ??عب?? ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته توانائي جو ??عب?? موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي جڏهن ته وزيراعظم ۽ آذربائيجان جي صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي جي ??عب?? ۾ تعاون جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ۾ تيزي آڻڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سيڪا ڪانفرنس جي ڇهين سربراهي اجلاس جي موقعي تي آذربائيجان جي صدر اله??م عليوف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سيڪيورٽي، زراعت، رابطي ۽ توانائي جي ??عب?? ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ويجهي ۽ خوشگوار ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف صدر عليوف کي پاڪس??ان ۾ ٻوڏ کان متاثر لکين ماڻهن جي بحالي ۽ غيرمعمولي موسمياتي تبديلي جي ڪري قدرتي آفتن سان تباهه ٿيندڙ انهن جي روزگار جي بحالي لاءِ حڪومتي ڪوششن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان بيٺل فصل کي پهچندڙ نقصان ۽ ايندڙ ڪٽائي جي موسم ۾ پوکيءَ نه ٿيڻ سان ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ جو خطرو وڌي ويو آهي، ان خطري کان بچڻ ۽ ملڪ ۾ زرعي پيداوار کي بحال ڪرڻ جي لاءِ يوريا جي درآمد ضروري هئي. آذربائيجان جي صدر ان ڏس ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم شهباز شريف ڄمون ۽ ڪشمير تي آذربائيجان جي ٺوس موقف ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جي ميمبر طور ان جي اڻٿڪ ڪردار کي ساراهيو. هن اڳوڻي نگورنو ڪاراباغ تي آذربائيجان سان پاڪس??ان جي اصولي حمايت کي ورجايو ۽ ڏکڻ قفقاز ۾ ڊگهي مدي ۽ پائيدار امن آڻڻ جي لاءِ صدر اله??م عليوف جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل ڪارائتي تعاون جي مختلف ??عب?? ۾ ٻطرفي مصروفيتن کي تيز ۽ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو ۽ رابطي، واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ جاري مختلف قدمن جي اڳڀرائي جو جائزوورتو. وزيراعظم توانائي جي ??عب?? ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪو ان جي حڪومت جي لاءِ هڪ اعليٰ ترجيحي ??عب?? آهي. وزيراعظم پيٽروليم واري مملڪتي وزير کي آذربائيجان ۽ پاڪس??ان جي وچ ۾ ٻطرفي توانائي تعاون جي لاءِ فوڪل پرسن نامزد ڪيو آهي جنهن گذريل مهيني باڪو جو دورو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي جي ??عب?? ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ۾ تيزي آڻڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف علائقائي رابطن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سربراهي سطح تي مشاورت جي تجويز پيش ڪئي جنهن جو مثبت جواب ڏنو ويو. سيپٽمبر 2022ع ۾ ثمرقند، ازبڪس??ان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي هي ٻي ملاقات هئي جنهن پاڪس??ان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ هم آهنگي جي عظيم روايت کي برقرار رکندي گهڻ رخي اقتصادي رابطن ۽ تعاون کي متحرڪ ڪرڻ جو هڪ ٻيو نتيجاخيز موقعو فراهم ڪيو.