دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم برساتن جي نئين سلسلي جي ڏس ۾ ريسڪيو ۽ ريليف جو عمل تيز ڪر?? جي هدايت ڪئي آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم شهباز شريف قطر مان ٻوڏ مت??ثرين جي ريسڪيو، ريليف جي قدمن جي نگراني ڪري رهيو آهي. وزيرا??ظم اين ڊي ايم اي سميت سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن کي گڏيل حصيداري سان ڪم ڪر?? جي هدايت ڪئي آهي. بيان موجب وزيرا??ظم چيو آهي ته برساتن جو مسلسل سلسلو ٻوڏ جي تباهي ۾ وڌيڪ اضافو ڪري رهيو آهي. ٻوڏ سبب ماڻهن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، انهن جي مدد اسان سڀني جو فرض آهي، قدرتي آفت جو شڪار علائقن ۾ بحالي هڪ تمام وڏو ڪم آهي، اهو گڏيل ڪوششن سان ئي ممڪن آهي. وزيرا??ظم اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين، سرندي وارن ادارن ۽ تنظيمن کي مت??ثرين جي مدد جي ڪم ۾ هٿ ونڊرائ?? جي اپيل ڪئي آهي.