اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گذريل رات خوست، هرنائي، بلوچستان ۾ دهشتگرد?? جي سيڪيورٽي فورسز جي چوڪيءَ تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف دهشتگرد?? جي ڪڌن ارادن کي ناڪام بڻائيندي نائيڪ عاطف ۽ سپاهي قيوم جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ??ه الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ انه?? جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته آئون واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ ميجر عمر جي جلد ص??تيابي جي لاءِ دعاڳو آهيان. هن چيو ته پاڪستاني قوم ملڪ جي حفاظت ڪندي پنهنجي شهيد?? جي قربانين کي ڪڏهن وساري نه ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته شهيد اسان جو فخر آهن ۽ مون سميت پوري قوم جون سموريون دعائون شهيدن ۽ انه?? جي گهرڀاتين سان گڏ آهن.