اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) يو??رين جي لاءِ امدادي سامان جي ٻي کيپ جي روانگي جي لاءِ نور خان ايئربيس راولپنڊي تي سرڪاري تقريب منعقد ڪئي وئي. نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران جاري بيان موجب امدادي سامان ۾ ضروري دوائون، ڪمبل ۽ راشن شامل آهي، اهو سامان پاڪستان ايئر فورس جي ٻن سي – 130 جهازن جي ذريعي پولينڊ رستي يو??رين پهچندو. تقريب دوران پرڏيهي معا??لن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر امدادي سامان يو??رين جي سفير مرڪيان چوچڪ جي حوالي ڪيو. تقريب ۾ اين ڊي ايم اي کانسواءِ پرڏيهي وزارت ۽ يو??رين سفارتخاني جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي معا??لن واري مملڪتي وزي حنا رباني کر چيو ته پاڪستان يو??رين سان گ??ري?? ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت يو??رين جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اڳ ۾ به امدادي سامان فراهم ڪري چڪي آهي. يو??رين ۾ جاري جنگ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن ان ڳالهه تي زور ??نو ته ٻنهي ملڪن کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي معاملا حل ڪرڻ گهرجن. يو??رين جي سفير مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ يو??رين جي عوام جي لاءِ امداد موڪلڻ تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. سفير جو چوڻ هو ته يو??رين حقيقي معنيٰ ۾ ان مدد کي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران خيرسگالي ۽ همدردي جي جذبي جو اظهار سمجهي ٿو. يو??رين جي لاءِ امدادي کيپ پولينڊ جي گادي واري شهر دارسا جي رستي موڪلي ويندي. سامان جي پهرين کيپ 15 مارچ 2022ع تي موڪلي وئي هئي.