اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف قومي پاليسين ۾ عوامي شموليت جي لاءِ انوويشن ??ب جو افتتاح ڪندي چيو آهي ته نوجوانن کان جديد آئيڊياز حاصل ڪرڻ لاءِ سمورين وزارتن ۽ ادارن ۾ هڪ سيل قائم ڪنداسين، جنهن ۾ هوشيار ۽ باصلاحيت نوجوانن کي شامل ڪيو ويندو، جيڪي جديد آئيڊياز ڏيندا ۽ انهن کي قومي پاليسي سازي ۾ شامل ڪنداسين. وزيرا??ظم شهباز شريف بٽڻ دٻائي انوويشن ??ب جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وزيرا??ظم شهباز شريف شريڪ ٿيندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته هي هڪ انقلابي پروگرام آهي، اسان جي معاشر?? ۾ ??اليسي ساز?? ۾ ??اهرن جي ڪردار ج?? کوٽ آهي، ان پروگرام جو مقصد پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ هوشيار ۽ قابل پاڪستانين کي پاليسي سازي جو لازمي حصو بڻائڻو آهي، جنهن سان جديد خيالن کي پاليسي سازي ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته جديد علم، تحقيق ۽ تجربن جي اڄ جي دور ۾ تمام گهڻي قدر آهي، ان خلا کي پُر ڪرڻ جي لاءِ اهو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. وزيرا??ظم چيو ته هو ذاتي طور تي ان پروگرام کي اجاگر ڪندو ۽ قوم جي هوشيار نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. وزيرا??ظم چيو ته جيڪڏهن ان پروگرام ۾ بزرگ شهرين پاران ٺوس تجويزون ۽ آئيڊيا ايندا ته ان جي آجيان ڪنداسين ۽ انهن تي عملدرآمد ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان هر لحاظ سان ترقي ڪري ۽ جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ٿئي. دنيا تحقيق ۽ جديد تعليم ۾ آسمانن جون بلند??ون ڇُهي ره??ون آهن، اتي تحقيقي مقالا لکيا ويندا آهن ۽ انهن کي بحث هيٺ آڻي آئيڊياز مان فائدو ورتو ويندو آهي. ان موقعي تي وزيرا??ظم اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه سلمان صوفي ٻڌايو ته وزيرا??ظم جي پبلڪ پاليسي جا قدم جيڪي عوام جي سڌوسنئون فائدي بابت آهن، ان ۾ عوام جي سڌوسنئون شموليت سان انهن جا مسئلا حل ٿيندا، انهي سلسل?? ۾ ??زيرا??ظم جي حڪمن تي انوويشن ??ب جو آغاز ڪيو پيو وڃي. اسان عوام کي پبلڪ پاليسي ۾ شريڪ ڪري رهيا آهيون. ان انوويشن ??ب جي ذريعي عوام پاران ايندڙ مختلف آئيڊياز کي شامل ڪيو ويندو ۽ چونڊيل آئيڊيا ڏيندڙن کي 15 آگسٽ کان پي ٽي وي تي شروع ٿيندڙ پروگرام ۾ گهرايو ويندو ۽ اهي پنهنجا آئيڊياز قوم آڏو رکندا جن مان چونڊيل آئيڊياز قومي پاليسي جو حصو بڻجندا، جڏهن ته اهي آئيڊيا وزيرا??ظم کي پيش ڪيا ويندا ۽ هو ان تي انعام ڏيندو. هن ٻڌايو ته عوام پاران ايندڙ مختلف راءِ کي غور هيٺ آڻڻ جي لاءِ پروفيسر فيصل باري، مشرف زيدي، شاهه رخ خليل، عائشه رضا فاروق ۽ شزه تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهي وئي آهي. وزيرا??ظم اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ ان تي عملدرآمد ڪندو، ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن به پنهنجي راءِ ڏني. واضح رهي ته انوويشن ??ب جو قيام ملڪي تاريخ ۾ پهر??ون ڀيرو قومي پاليسين ۾ عوامي شموليت جي لاءِ عمل ۾ آندو ويو آهي. وزيرا??ظم جي پاليسي ٺاهڻ جي عمل ۾ سڀني ڌرين جي راءِ کي اهميت ملندي. باصلاحيت نوجوان افرادي قوت جي ڪردار کي اهميت ڏيڻ جي لاءِ حب جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، انوويشن ??ب جو قيام پاليسي سازي ۽ ملڪي ۽ عوامي ضرورتن کي هم آهنگ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.