اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ش??يف چيو آهي ته لگزري آئٽمز جي درآمد تي پابندي جي فيصلي سان ملڪ جي قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان ڪف??يت شعاري اختيار ڪنداسين. مالي طور تي مضبوط ماڻهن کي ان ڪوشش ۾ تعاون ڪرڻ گهرجي ته جيئن گهٽ مراعت يافته طبقي کي اهو بار نه کڻڻو پ??ي جيڪو پ?? ٽي آءِ جي حڪومت انهن تي وڌو آهي. هن چيو ته اسان عزم ۽ لڳاءُ سان گڏجي چئلينجن تي ضابطو آڻينداسين.