اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته معاشري جو اصل ضمير هڪ ذم??وار باضمير آزاد پريس هوندي آهي، اعليٰ اخلاقي معيارن ۽ ذم??واراڻي صحافت سان ??ڏ پريس شفافيت، جوابدهي ۽ صحتمنداڻي مڪالمي جو ڪردار رکندڙ هوندي آهي. صحافت جي عال??ي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جي گڏيل ذم??واري آهي ته پريس تي ڪنهن ڏاڍ ۽ زيادتي ۽ ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ جي مذمت لاءِ متحد رهون.