اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) 82 هين پاڪستان ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب وفاقي گادي واري شهر جي شڪر پڙيان پريد ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ هٿياربند فوج جي گڏيل پريد ۽ مارچ پاسٽ جو شاندار مظاهرو ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب جو خاص مهمان هو. وزيراعظم عمران خا، د??اع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، جوائنٽ چيفس آف ا??ٽا?? ڪميٽي جو چيئرمين جنرل نديم رضا، چيف آف آرمي ا??ٽا?? جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف ايئر ا??ٽا?? ايئر مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ چيف آف نيول ا??ٽا?? ايڊمرل محمد امجد خان نيازي پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ زي، اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن، ڪابينا جي ميمبرن، غيرملڪي سفارتڪارن، اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن ۽ پاڪستان جي لاءِ نمايان خدمتن تي تعريفي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندڙ اهم شخصيتن کانسواءِ ٻين مهمانن هٿياربند فوج جي گڏيل پريڊ جو مظاهرو ڪيو. سعودي عرب، ترڪي، ازبڪستان، آذربائيجان ۽ بحرين سميت دوست ملڪن جي دستن پڻ پريڊ ۾ شرڪت ڪئي. هٿياربند فوج جي دستن صدر، وزيراعظم، د??اع واري وزير، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف ا??ٽا?? ڪميٽي ۽ سروسز چيفس کي سلامي ڏني. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پريڊ ۾ شامل فوجي دستن جو معائنو پڻ ڪيو. پاڪ فضائيه جي سربراهها يئر ??يف مارشل ظهير احمد تازو ئي پاڪ فضائيه جي فضائي ٻيڙي ۾ شامل ٿيندڙ نئين جي – 10 سي جيٽ جهازن سميت پاڪ فضائيه جي ويڙهاڪ جهازن جي مختلف ف??رميشنز جي فلائي پاسٽ جي قيادت ڪئي. پريڊ ۾ آرمرڊ ڪور، آرٽلري، رينجرز، ايئر ??فينس، ڪوسٽ گارڊز، آرمڊ فورسز نرسنگ سروس جي عورت دستن، پاڪ بوائز اسڪائوٽس ۽ گرلز گائيڊز پڻ حصو ورتو.