اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي ميون جي پيداوار ۾ اضافي جي ذريعي روانگ?? واپار کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو، روانگ?? واپار جي فروغ لاءِ ويليو ايڊيشن ۽ ٻجن جي معيار ۾ بهتري جي ضر??رت آهي. اهڙن خيالن ??و اظهار هن واپار واري وزارت ۽ سرگوڌا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ ترشاوه ميوا (موسمي ۽ مالٽا) شو 2022ع جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته دنيا ۾ پاڪستاني ميون جي شهرت ۽ ??لڪ ۾ دستياب سهولتن بابت هن تقريب ??و اهتمام اهميت رکي ٿو. پاڪستان اسرندڙ ??لڪ آهي. روانگ?? واپار ۽ آمدن?? واپار جي وچ ۾ توازن کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ??لڪ ۾ روانگ?? واپار کي فروغ ڏيڻ جي ضر??رت آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ هر شيءَ کي خوبص??رت ۽ منفرد بڻايو آهي. انسان شين جي پلاسٽڪ سان پيڪنگ ڪري ٿو. خوبص??رت پيڪنگ جي ذريعي مصنوعات کي پرڪشش بڻايو وڃي ٿو. هن چيو ته اسان کي ويليو ايڊيشن ۽ پيداواري لاڳت گهٽ ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. پيداواري لاڳت گهٽ ٿيڻ سان هر شخص ان کي استعمال جي لاءِ خريد ڪري سگهي ٿو. اسان کي مصنوعات جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ دنيا جي تجربن مان فائدو کڻڻ گهرجي. ملڪي سطح تي ماحولياتي صورتحال جي ڏس ۾ تحقيق ڪري بهتر بڻايو پيو وڃي. مصنوعات جي پيداوار ۾ اضافي ۽ روانگ?? واپار جي فروغ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ۾ آندي وڃي. هن چيو ته يونيورسٽين کي مارڪيٽ جي ضر??رت موجب تعليم ۽ مهارتن کي فروغ ڏيڻ گهرجي. سرگوڌا يونيورسٽي، سرگوڌا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي ڀرپور تعاون فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت روانگ?? واپار جي فروغ ۽ مصنوعات ۾ بهتري جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته ميون کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ ڪولڊ چين هجڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان ۾ جلد امن ٿيندو. افغانستان جي معيشت بهتر ٿيندي ته اتي به پاڪستاني مصنوعات خاص طور تي ميون جي گهرج وڌندي. پاڪستان ترشاواه ميوا پيدا ڪندڙ 11هون وڏو ??لڪ آهي. ان ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ضر??رت آهي. غذائيت تي ٻڌل پيداوار تي ڌيان ڏنو وڃي. مصنوعات جي سرٽيفڪيشن ٿيڻ گهرجي. ان سان ويليو ايڊيشن ۾ بهتري ايندي. مصنوعات جي کپت ۽ قيمت وڌيڪ ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان جي مينگو ڊپلوميسي ڪامياب رهي. دنيا ۾ انب موڪلي ان جي قدر ۽ اهميت ۾ اضافو ڪيو وڃي ٿو.