اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن انساني المئي کان بچڻ لاءِ افغان عوام کي هر ممڪن ??دد فراهم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي حوالي سا?? ??يپ??س ڪميٽي جي ٽئين اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ امداد لاءِ گڏيل قومن جي اپيل جي آجيان ڪئي، ??يپ??س ڪميٽي افغانستان ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ڪميٽي ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان مشڪل جي ان گهڙي ۾ افغان عوام کي اڪي?? نه ڇڏيندو. ??يپ??س ڪميٽي اقتصادي طور تي تباهه ٿيل افغانستان ۾ انساني جانين کي بچائڻ ۽ مشڪل جي ان گهڙي ۾ افغانين جي ??دد لاءِ عالمي برادري ۽ امدادي ادارن کان هڪ دفعو ٻيهر ??دد جي اپيل ڪئي،
وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته افغانستان ۾ انساني الميي کان بچاءُ لاءِ دوست ملڪن سا?? ٻطرفي لاڳاپن جون راهون ڳوليو ته جيئن افغانستان ۾ طب، آءِ ٽي، فنانس ۽ اڪائونٽنگ جي شعبن ۾ تربيت يافته افرادي قوت موڪلي سگهجي. هن افغانستان جي بحالي ۽ ترقي ۾ ??دد لاءِ ريلويز، معدنيات، دائون ٺاهڻ ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون جي به هدايت ڪئي، ان کان اڳ ??يپ??س ڪميٽي کي افغانستان لاءِ 5 ارب روپين جي امداد تي اڳڀرائي جي حوالي سا?? آگاهه ڪيو ويو جنهن ۾ 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ سميت غذائي جنسن، هنگامي طبي سا??ان، سردي کان بچاءُ لاءِ پناهگاهون ۽ ٻيو سا??ان شامل آهي، ??يپ??س ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته افغانستان شديد سردي جي موسم دوران بک ۽ انساني الميي جي صورتحال پيدا ٿيڻ جي ويجهو پهچي چُڪو آهي، ان صورتحال ۾ عوام لاءِ خوراڪ ۽ پناهگاهن کي حاصل ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي.
ڪميٽي افغان عوام سا?? گڏ بيهڻ جي عزم جو اظهار ڪندي امدادي ادارن تي زور ڏنو ته هو افغان عوام جي ??دد لاءِ فوري حرڪت ۾ اچي. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، پاڪ فوج جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ۽ اعليٰ سول ۽ ملٽري عملدار موجود هئا.