اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان گڏيل قومن پاران اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪ??ئونسل جي خصوصي اجلاس ۾ کنيل قدمن تي عمل ڪندي افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ امداد جي اپيل جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گڏيل قومن پاران جاري ڪيل خبر جو حوالو ڏيندي چيو ته آئون عالمي برادري کان ا??غانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ لاءِ امداد جي اپيل ڪري رهيو آهيان جتي ماڻهو 40 سالن جي تڪرارن جي ڪ??ي شديد مشڪلاتن ج?? شڪار آهن، واضح رهي ته گڏيل قومن ا??غانستان لاءِ 2022ع ۾ پنج ارب ڊالر جي امداد جي اپيل ڪئي آهي جيڪا ڪنهن به هڪ ملڪ لاءِ انساني بحران روڪڻ لاءِ سڀ کان وڏي اپيل آهي، گڏيل قومن پاران ٻڌايو ويو ته 4 ارب 40 ڪروڙ ڊالر افغانستان جي اندر جڏهن ته 62 ڪروڙ 30 لک ڊالر افغانستان کان ٻاهر رهندڙن لاءِ گهربل آهن، افغانستان جي ??ڌ آبادي کي هن وقت بک کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.