اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اچو ته گڏجي وچن ڪريون ته پوري ق??م متحد ٿي فرقيواراڻي، مذهبي ۽ نسلي تعصب پکيڙيندڙن، نفرت پکيڙيندڙن ۽ پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصدن کي پورو ڪرڻ ??اء?? اهڙا حربا اختيار ڪندڙن جي خلاف ايئن ئي بيٺل رهندي ۽ پنهنجي صفن ۾ موجود انهن عنصرن جي نشاندهي ??ري ان جي ازالي ۾ رياست جو ساٿ ڏيندي، آئون اڄ پوري ق??م کي اهو يقين ڏياريان ٿو ته دشمن پاڪستاني ق??م جا حوصلا ڪمزور نٿو ??ري سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي 7 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جو ڏينهن پوري پاڪستاني ق??م کي ان دردناڪ سانحي جي ياد ڏياري ٿو جڏهن بزدل شرپسند عنصرن اسان جي ق??م جي مستقبل، هٿين خالي معصوم ٻارن تي حملو ??ري کين شهيد ڪيو، اڄوڪو ڏينهن آرمي پبلڪ اسڪول جي انهن بهادر استادن جي ياد ڏياري ٿو جيڪي پنهنجي شاگردن جي حفاظت ??اء?? دشمن جي سامهون شيهي جي ديوار وانگر بيٺا ۽ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. وقت ٿابت ڪيو آهي ته بي شڪ دهشتگردي جو ڪو مذهب يا قوم ناهي هوندي، ان جي پويان اها بزدلاڻي سوچ هوندي آهي جيڪا پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصدن کي پورو ڪرڻ ??اء?? هٿين خالي معصوم ٻارن کي به استعمال ??ري سگهي ٿي، آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جون قربانيون رائيگان نه ڏينديون، ان سانحي کانپوءِ بهادر پاڪستاني ق??م جا حوصلا ڪمزور ٿيڻ بدران دهشتگردي جي خلاف وڌيڪ بلند ٿيا. پوري ق??م متحد ٿي ۽ اسان نيشنل ايڪشن پلان تحت دشمنن کي انهن جي ٺڪاڻن ۾ ڳولي ڳولي نشانو بڻايو. وزيراعظم چيو ته آئون اڄ پوري ق??م کي يقين ڏياريان ٿو ته دشمن پاڪساتني ق??م جي حوصلن کي ڪڏهن ڪمزور نٿو ??ري سگهي.پاڪستان قوم جي عزم، حوصلي ۽ همت کي شرپسند عنصرن جڏهن ته ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن کي منهن جي کائڻي پئي، اڄوڪي ڏينهن اچو گڏجي وچن ڪريون ته پوري ق??م متحد ٿي فرقيواراڻي، مذهبي، نسلي تعصب پکڙيندڙن، نفرت پکيڙيندڙن ۽ پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصدن کي پورو ڪرڻ ??اء?? اهڙا حربا اختيار ڪندڙن جي خلاف ايئن ئي بيٺل رهندي ۽ پنهنجي صفن ۾ موجود انهن عنصرن جي نشاندهي ??ري ان جي ازالي ۾ رياست جو ساٿ ڏيندي. وزيراعظم آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي بلند درجن ۽ سندن وارثن ??اء?? صبر جميل جي دعا ڪئي، وزيراعظم چيو ته قائداعظم جو فرمان آهي ته دنيا ۾ اهڙي ڪا به طاقت نه آهي جيڪا پاڪستان کي نقصان پهچائي سگهي.