تهران – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي تهران پهچي ويو. امام خميني عالمي هواءِ اڏي تي پاڪستان ۾ ايران جي سفير محمد علي حسيني، ايران ۾ مقرر پاڪستان جي سفير رحيم حيات قريشي ۽ پرڏي??ي وزارت جي سينئر آفيسرن پرڏي??ي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجي ايران جي دوري دوران ايراني هم منصب ڊاڪٽر حسين امير عبداللهيان سميت ايرا??ي قيادت سان ملاقات ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏي??ي وزير 27 آڪٽوبر 2021ع تي تهران ۾ منعقد افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٻي و??ارتي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي علائقائي صورتحال جي حوالي سان پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. پرڏي??ي وزير ايران جي دوري دوران ميڊيا نمائندن سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.