اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ??لڻ تائين دنيا ۾ آواز اٿاريندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ?? ٻنهي اڳواڻن والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.