اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته صحافين ميڊيا ورڪرز جي پگهارن، نوڪرين جي تحفظ، فيڪ نيوز ۽ ويج بورڊ کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽنداسين، صحافت جي آزادي ڪنهن جي منافعي ڪمائڻ يا ڪنهن جي ت??فظ جو نالو نه آهي، قانون اهو هوندو آهي جيڪو ايڪٽ پارليامينٽ هجي يا آرڊيننس جي ذريعي اچي، پي ايم ڊي اي فريم روڪ اڃان مشاورت جي عمل ۾ آهي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪم??ٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏئ?? رهيو هو. اجلاس جي صدارت ڪم??ٽي جي چيئرمين فيصل جاويد ڪئي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته صحافين جي ت??فظ جو بل قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪم??تي ۾ ٽن مهينن کان رڪيل آهي، 18 هين ترميم کانپوءِ امن امان جو معاملو صوبائي آهي، عزيز ميمڻ، اجي لالواڻي جي ڪيسن ۾ ڇا ٿيو؟ هن چيو ته ميڊيا کي اشتهارن جي مد ۾ هڪ ارب 70 ڪروڙ جي ادائيگي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪم??ٽين ۾ اسٽيڪ هولڊرز پيمرا، آءِ ٽي اين اي?? پريس ڪائونسل کي مضبوط بڻائڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، پي ايم ڊي اي ۾ اهو سڀ ڪجهه موجود آهي، اجلاس ۾ پي بي اي?? اي پي اين اي??، سي پي اين اي?? پي ايف يو جي ۽ صحافتي تنظيمن جي عهديدارن پي ايم ڊي اي بابت تجويزون پيش ڪيون.