اسلام آباد ?? 16 ??گسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته وفاقي گ??دي واري شهر اسلام آباد ۾ قبضن جي مڪمل خاتمي لاءِ ٺوس ۽ منظم پلان جوڙيو وڃي، وڻڪاري ۽ گرين ايرياز جي تحفظ جي مهم ۾ مقا??ي ماڻهن جي ڀرپور شرڪت کي ??قيني بڻائڻ لاءِ مراعتون ڏيڻ تي غور ڪيو وڃي. هن اها هدايت وفاقي گ??دي واري شهر سان لاڳاپيل معاملن تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، سي ڊي اي معاملن بابت خاص مددگار علي نواز اعواڻ، سي ڊي اي چيئرمين عامر علي احمد، ايم اين اي راجا خرم نواز ۽ لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اسلام آباد ۾ قبضن ۽ ان جي خلاف جاري ڪارروائي تي بريفنگ ڏيندي سي ڊي اي چيئرمين ٻڌايو ته قبضن جو وڏو سبب متفقه ريگوليٽري فريم ورڪ جي کوٽ آهي ڇو ته سي ڊي اي، رجسٽرار سوسائيٽين ۽ ايس اي سي پي جي وچ ۾ ورهايل آهي، وزيراعظم سمورن قاعدن ۽ بلڊنگ بائي لاز کي ??وثر طور لاڳو ڪرڻ کي ??قيني بڻائڻ لاءِ هڪ مضبوط ۽ واحد ريگوليٽري باڊي جي اهميت تي زور ڏنو. هن هدايت ڪئي ته وفاقي گ??دي واري شهر ۾ قبضن جي شڪايت جي مڪمل خاتمي لاءِ ٺوس ۽ منظم پلان جوڙيو وڃي ۽ ان حوالي سان اڳواٽ قدمن کي ??قيني بڻائڻ لاءِ ڊرونز سميت جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم وڏي پئماني تي وڻڪاري مهم جي ذريعي اسلام آباد جي ماحول جي حفاظت تي زور ڏنو. هن هدايت ڪئي ته وڻڪاري ۽ گرين ايرياز جي تحفظ جي مهم ۾ مقا??ي ماڻهن جي ڀرپور شرڪت کي ??قيني بڻائڻ لاءِ مراعتون ڏيڻ تي غور ڪيو وڃي.