اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي انطاليا سفارتي فورم جي موقعي تي ڪويت جي پنهنجي هم منصب شيخ ڊاڪٽر احمد ناصر المحمد سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ ديرپا اسٽريٽجڪ شراڪتداري لاءِ جامع پلان جوڙڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس مطابق ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺ??ائڻ ??مي?? گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي و??ي. پرڏيهي و??ير چيو ته پاڪستان ڪويت سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو.