اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ قانونن ۾ ترميم بابت اليڪشن ڪم??شن جا خدشا ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته چونڊ عمل لاڳو ڪ??ڻ جي باري ۾ حتمي فيصلو اليڪشن ڪم??شن جو هوندو، حڪومتي ادارا سڌارن واري عمل کي شفافيت سان انجام ڏيڻ لاءِ مدد فراهم ڪندا، ووٽ هر شهريءَ جو بنيادي حق آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي انهن جو حق ڏيڻ جي ضرورت آهي. هو انٽرنيٽ ووٽنگ لاءِ ايمرجنگ ٽيڪنالاجي بابت سب ڪم??ٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪم??ونيڪشن وارو وزير سيد امين الحق، ريلوي وارو وزير اعظم خان سواتي ۽ آءِ ٽي وزارت وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، نادرا جي وقتي چيئرمين برگيڊيئر (ر) خالد لطيف، آءِ ٽي اليڪشن ڪم??شن جو ڊائريڪٽر جنرل خضر عزيز ۽ ٻين لاڳاپيل سينئر عملدارن به شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ٻاهرين ملڪ رهندڙ 90 لک ??اڪستانين کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ موجوده چونڊ قانونن ۾ ب?? بهتري آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.