اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ناموس رسالت جي تحفظ ۽ اسلامو فوبيا جي معاملي تي آواز بلند ڪرڻ تي الجزيره ٽي وي جي هفتيوار پروگرام ”سباق الاخبار“ (نيوز مقابله) ۾ هفتي جي مشهور شخصيت قرار ڏن?? ??يو آهي. سباق الاخبار الجزيره ٽي وي تي عربي ۾ موثر ۽ هڪ ڪلاڪ جو هفتيوار لائيو پروگرام آهي جيڪو عرب ملڪن ۾ تمام گهڻو مقبول آهي، ان پروگرام ۾، چينل هفتي جي ٽن کان چئن وڏين خبرن جي چونڊ ڪندو آهي ۽ ان کانپوءِ ناضرين کي ووٽ ڏيڻ جو چيو ويندو آهي ته ڪهڙي نيوز اسٽوري ۽ ان سان لاڳاپيل شخصيت سندن خيال ۾ بهترين آهي، ان پروگرام ۾ خبرن سان گڏوگڏ مهمانن جا انٽرويوز به ورتا ويندا آهن، الجزيره جا ناظرين/ شائقين 24 اپريل 2021ع تي سباق الاخبار پروگرام ۾ چئن عالمي شخصيتن لاءِ ووٽنگ ڪرائي جنهن ۾ الجزيره جي ناظرين پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان کي ناموس رسالت جي تحفظ جي لاءِ عالمي آواز بڻجي اڀرڻ تي پسنديده ترين شخصيت قرار ڏن?? ويو. ٻين اڳواڻن جن لاءِ ناضرين پسنديدگي جا ووٽ ڏنا، تنهن ۾ شام ۾ مخ??لف ڌر اڳواڻ ميشيل ڪيلو جنهن اڌ صدي تائين مخ??لف ڌر جو ڪردار ادا ڪيو، چاڊ جي صدر ادريس ديبي جنهن 3 ڏهاڪن تائين ح??وم?? ڪئي ۽ باغين سان جهڙپن ۾ فوت ٿي ??يو ۽ ڪيوبا جو صدر فيڊل ڪاسترو جنهن 6 ڏهاڪن تائين ح??وم?? ڪئي، شامل آهن. پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان اسلامو فوبيا جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوششن تي 56 سيڪڙو ناضرين پسنديدگي جو ووٽ ڏن??، چاڊ جي صدر ادريس ديبي کي 33 سيڪڙو ۽ شام جي مخ??لف ڌر اڳواڻ ميشيل ڪيلو کي 8 سيڪڙو جڏهن ته ڪيوبا جي صدر فيڊل ڪاسترو کي 3 سيڪڙو ووٽ مليا، اهڙي طرح وزيراعظم عمران خان کي مقبول ترين شخصيت قرار ڏن?? ويو. پروگرام جي ميزبان پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي سياسي زندگي تي روشني وجهندي چيو ته عمران خان ڪر??يٽ جي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃائڻ کانپوءِ سياست جي ميدان ۾ به پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريا ۽ ناموس رسالت جي تحفظ لاءِ هڪ عالمي آواز بڻجي اڀريو ۽ اولهه جي ح??وم??ن کان مطالبو ڪيو ته جيڪو به نبي ڪريم ﷺ جي ناموس ۾ گستاخي جو مرتڪب ٿيو ان کي سزا ڏن?? وڃي.