اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هداي?? ڪئي آهي ته غير قانوني شڪار ۽ وڻن جي واڍي جي روڪٿام لاءِ منظم قدم ک??يا وڃن، ??يل?? جي بحالي لاءِ جامع پاليسي جوڙي وڃي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي. هو پنجاب صوبي ۾ ??يل?? جي تحفظ ۽ بحالي جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهيو ه??. اجلاس ۾ ماحولياتي تبديلين بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم، پنجاب جي ??يل?? واري وزير سبطين خان ۽ ٻين به شرڪ?? ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان کي ڇانگامانگا ۽ ٻين ??يل?? جي بحالي جي حوالي سان کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. گذريل ڪجهه سالن ۾ ڇانگامانگا جي اڍائي هزار ايڪڙ زمين کي وڻن کان محروم ڪري بنجر بڻايو ويو. وزيراعظم ک?? بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومتي دور ۾ 10 بلين ٽري سونامي مهم ۾ هڪ ه??ار ايڪڙ رقبي تي وڻڪاري جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي، اڍائي هزار ايڪڙ رقبي تي سال 2023ع تائين اهو عمل مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي آلودگي جا اثر گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان ٻيلا ۽ وڻڪاري اهم اهميت رکندڙ آهن ۽ ??يل?? جو تحفظ ۽ بحالي موجوده حڪومت جي ترجيحن جو حصو آهي.