پشاور – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معذور ما??هن کي جديد ٽيڪن??لا??ي جي ثمرن مان فائدو ڏيارڻ لا??ِ سمورن دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس پشاور ۾ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) جي تعاون سان منعقد ٿيندڙ معذور ما??هن جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته مددگار ٽيڪن??لا??ي عالمي ۽ علائقائي سطح تي اهميت اختيار ڪندي پئي وڃي جيڪا ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته دنيا بهتر ٿيندي پئي وڃي ۽ مددگار شين جي ضرورتمندن لا??ِ هاڻي اميد پيدا ٿي وئي آهي، وزيراعظم جو صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جو اطلاعات ۽ هائير ايجوڪيشن بابت خاص مددگار ڪامران بنگش به ان خصوصي اجلاس ۾ موجود هئا، صدر چيو ته اسان هن وقت مشڪل دور مان گذري رهيا آهيون، ڇو ته ڪووڊ 19 زندگي جي هر شعبي کي متاثر ڪيو آهي، پاڪستاني عوام جي خيرخواهي ۽ صحت لا??ِ ڊبليو ايڇ او جي تعاون کي ساراهيندي هن چيو ته حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهي آهي ته ڪنهن به قسم جي معذوري رکندڙ ما??هو ملڪ جي ترقي ۾ بامقصد ڪردار ادا ڪري سگهن.