اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان ۾ ڏکڻ ڪوريا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڪواڪ ??انگ ڪيو الوداعي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ڏکڻ ڪوريا سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ ٻه طرفي واپار جي موجوده ماپي کي وڌائڻ جي ڪافي صل??حيت موجود آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي ۽ سياسي وفدن جي مٽا??ٽا جي سخت ضرورت آهي