اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو بابت خاص مددگار ??اڪ??ر ثانيه نشتر چيو آهي ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت پهرين ٻن ڪيٽيگرين ۾ 57 لک 50 هزار م??تحق خاندانن ۾ 69 ارب روپيا ورهائجي چڪا آ??ن، پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ??اڪ??ر ثانيه نشتر چيو ته پهرين ڪيٽيگري تحت 80 سيڪڙو ادائيگين جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٻي ڪيٽيگري تحت ڪم تيزي سان جاري آهي، هن ٻڌايو ته 3 ڪروڙ 50 لک درخواستون رد ڪيون ويون جڏهن ته 89000 ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊز جي سُ??اڻپ نه ٿي سگهي، هن چيو ته ٽئين ڪيٽيگري جي لاءِ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، هن چيو ته پروگرام کي شفاف بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويا آ??ن، وزيراعظم عمران خان جي هدايتن جي روشني ۾ ان عمل کي انتهائي شفاف بڻايو ويو آهي.