اسلام آباد – 19 ??يب??وري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي قيادت جي جنگي جنون ۽ زميني جارحاڻي قدمن سان امن ۽ سلامتي لاءِ خطرا پيدا ٿيا آهن، ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل سان ئي ڏکڻ ايشيا ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائ?? سگهجي ٿو، عالمي بر??دري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت طرفان انسانيت جي خلاف ڏوهن جي باري ۾ آگاهي پکيڙڻ ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب مسئلي جي حل لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي، ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي ان جي جائز خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري عوام جي حمايت جاري رکنداسين. اها ڳالهه هن بر??انوي پارليامينٽ جي آل پارٽيز پارلياماني ڪشمير گروپ (اي پي پي ڪي جي) جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي.