جهلم – 29 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته م??يم نواز ۽ بلاول جو قد نه آهي ته اهي قومي ليڊر بڻجي سگهن، انهن کي مشورو آهي ته اهي اڳ ۾ ميئر جي چونڊ وڙهن پوءِ قومي سياست ۾ اچڻ جو سوچين، سياسي نومولود پنهنجي سينيئر قيادت جي لاءِ پوزيشنز خا??ي ڪن، سينيٽ ۾ مخالف ڌر کي شڪست کانپوءِ ثابت ٿي ويو ته اهي سموريون پارٽيون گڏجي به عمران خا?? جي اڳيان ڍير آهن، نواز شريف ۽ اسحاق ڊار ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو، ا??ان کي خراب معيشت ورثي ۾ ملي، ا??ان معيشت جو ٻيهر بنياد رکيو، اڄ 100 وڏين ڪمپنين جو منافعو 929 ارب رپيا آهي، زراعت سميت صنعتون پنهنجي پيرن تي بيٺل آهن، بلوچستان ۾ تخريبي ڪاررواين جي پٺيان گهري سازش آهي، ا??ان جي شهيد جوانن جو رت رائيگان نه ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وفاقي بلوچستان ۾ پاڪ فوج جي شهيد جوانن جي فيملين ??ان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪ فوج جي بهادر سپاهين ملڪ جي لاءِ پنهنجي رت جو نذرانو پيش ڪيو، پاڪستان جو هر شخص پاڪ فوج جي شهيد جوانن جو اح??ان مند آهي، ا??ان انهن جي قربانين جو مداوو نه ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته ا??ان جي جوانن پنهنجي ڇاتين تي گوليون کاڌيون، پوري قوم انهن شهيدن جي والدين ۽ انهن جي فيمليز ??ان گڏ بيٺل ??هي. هن چيو ته بلوچستان ۾ تخريبي ڪاررواين جي پٺيان گهري سازش آهي، ا??ان جي شهيد جوانن جو رت رائيگان نه ويندو. هن چيو ته ا??ان اڳ ۾ به دشمنن کي سختي ??ان منهن ڏنو هو، هاڻي به انهن جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ پوري طرح تيار آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندڙن جي لاءِ واضح پيغام آهي ته پاڪستان انشاءَ الله قيامت تائين قائم رهندو. دهشتگردي جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، پنهنجي شهيد جوانن جي رت جو پورو حساب ورتو ويندو. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، ا??ان معاشي استحڪام حاصل ڪيو آهي، ا??ان کي خراب معيشت ورثي ۾ ملي هئي، جڏهن عمران خا?? وزارت عظميٰ جو حلف کڻي رهيو هو ته ا??ان وٽ وسيلا نه هئا، معيشت جي خراب حالت هئي. هن چيو ته نواز شريف اينڊ ڪمپني ملڪي معيشت جو جيڪو حشر ڪيو ان جي گواهي ان وقت جي انهن جي پنهنجي ناڻي واري وزير ڏني. اسحاق ڊار ۽ نواز شريف ٻنهي گڏجي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو، ا??ان ان کي وساري نه ٿا سگهون. هن چيو ته ا??ان معيشت جو ٻيهر بنياد رکيو، اڄ 100 وڏين ڪمپنين جو منافعو 929 ارب رپيا آهي، ميڊيا هائوسز جي منافعي ۾ به تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، ڪجهه ميڊيا هائوسز پنهنجي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو آهي، باقي ادارن ۽ ڪمپنين کي به گذارش آهي ته اهي پنهنجي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪن. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ زراعت سميت صنعتون پنهنجي پيرن تي بيٺل آهن. هن چيو ته پاڪستان جي سياست ۾ ڪهرام مچائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي. سينيٽ ۾ مخالف ڌر کي نام نهاد برتري حاصل هئي، ان برتري جي باوجود مخالف ڌر گذريل ڏينهن ناڪام ٿي. ان مان ثابت ٿي ويو آهي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ حڪومت کي ڀرپور طريقي ??ان اڪثريت حاصل ??هي. چوڌري فواد حسين چيو ته عمران خا?? جي اڳيان مخالف ڌر جون سموريون پارٽيون گڏجي به ڍير آهن، سمورين سياسي پارٽين ۾ عمران خا?? جي قد جو ڪو ليڊر نه آهي، (ن) ليگ ۽ مخالف ڌر جون ٻيون پارٽيون وڻ وڻ جي ڪاٺي آهن، جهڙي طرح انهن کي سينيٽ ۾ شڪست ٿي، اهو سلسلو اڳتي به نظر ايندو رهندو. وزيراعظم جي چين جي دوري جي حوالي ??ان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي چين جي دوري ??ان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن ٻڌايو ته وزيراعظم ايندڙ ڪجهه مهينن دوران وڌيڪ پرڏيهي دورا به ڪندو، انهن دورن ??ان عالمي سطح تي پاڪستان جي سڃاڻپ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ پرڏيهي پاليسي کي استحڪام ملندو. چوڌري فواد حسين چيو ته هلندڙ سال پاڪستان جي ڪاميابين جو سفر جاري رهندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ کي بلاول ۽ مريم جي حوالي نه ٿو ڪري سگهجي، مريم ۽ بلاول جو قد نه آهي ته اهي قومي ليڊر بڻجي سگهن، انهن کي گهرجي ته اهي اڳ ۾ ميئر جي چونڊ وڙهن، پاڪستان ۾ بادشاهت جو نظام نه آهي جو اهي ماڻهو سڌوسنئون اچي گديءَ تي ويهي رهندا، اهي سياسي نومولود پنهنجي سينيئر قيادت جي لاءِ پوزيشنز خا??ي ڪن. هن چيو ته (ن) ليگ جي اندر به تبديلي جو بحث هلي رهيو آهي، (ن) ليگ جا ماڻهو به چاهين ٿا ته شريف فيملي جي جڳهه نئين ماڻهن کي اچڻ گهرجي. اهڙو بحث پيپلزپارٽي جي اندر به ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته م??يم نواز ۽ بلاول جيڪڏهن جمهوري عمل جي ذريعي مٿي ايندا ته اهو انهن جو حق آهي، ان کانسواءِ مٿي ايندا ته اها زيادتي ٿيندي. هڪ سوال تي ه?? چيو ته م??الف ڌر پارٽين جو نه پارليامينٽ جي اندر ۽ نه ٻاهر قدر ??هي. انهن حڪومت جي خلاف ستون ڀيرو تحريڪ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي. مخالف ڌر کي مولانا فضل الرحمان جي مدرسن جي ٻارن تي دارومدار ڪرڻو پوي ٿو، مولانا فضل الرحمان جي مدرسن جي ٻارن کي سياست ۾ استعمال ڪرڻ جي ريت تمام گهڻي پراڻي آهي، جيڪڏهن هو سمجهي ٿو ته انهن ٻارن جي بنياد تي ه?? حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائيندو ته ائين ممڪن نه ??هي. هڪ ٻئي سوال تي ه?? چيو ته عوام چاهي ٿي ته ملڪ مان ڦريل دولت واپس آندي وڃي. مريم نواز ۽ نواز شريف ??ان ا??ان جو ذاتي جهيڙو نه آهي، ا??ان انهن کان ڦريل دولت واپس آڻڻ چاهيون ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته جيڪي ماڻهو نواز شريف ??ان ان جي مهانگن اپارٽمينٽس ۾ ملاقاتون ڪن ٿا نواز شريف اپارٽمينٽس کان انڪار ڪري رهيو آهي ته اهي اپارٽمينٽس سندس نه آهن. نواز شريف جو ماهوار خرچ ڪروڙين رپيا آهي ۽ ان جي جيڪڏهن ٽيڪس جي ڀيٽ ڪئي وڃي ته ان وٽ دولت غيرقانوني ??هي. هن چيو ته برطانوي حڪومت نواز شريف جي ويزا ۾ توسيع جون ٻه اپيلون رد ڪري ڇڏيون آهن، عدالتي معاملن ۾ وقت لڳي ٿو، ان لاءِ هينئر کان ئي انهن چوڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ته هو پاڪستان اچي رهيو آهي ڇو ته نواز شريف کي خبر آهي ته کيس وڌيڪ موقعو نه ملندو، کيس واپس اچڻو پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته م??الف ڌر جا ماڻهو هڪ ٻئي جي تاڙ ۾ لڳل آهن ته اک جهپڪي ۽ ٻيو فائدو کڻي وٺي، ا??ان کي ته ان ڳالهه جي فڪر آهي ته اهي هڪ ٻئي جا ڪپڙا نه ڦاڙين. مخالف ڌر جو پارليامينٽ جي اندر موقف جدا ۽ ٻاهر جدا هوندو آهي، انهن وٽ ليڊرشپ نه آهي، (ن) ليگ جي اندر به سخت ويڙهه آهي، اهڙي طرح پيپلزپارٽي ۾ به استحڪام نظر نه اچي رهيو ??هي. هن چيو ته م??الف ڌر پي ٽي آءِ جو مقابلو نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ڪري سگهندي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ا??ان چوڌري شجاعت حسين جو احترام ڪريون ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جو خيال آهي ته ا??ان احتساب جي عمل تان پٺتي ه??ي وينداسين ته ا??ان جو ووٽر ان ڳالهه جي اجازت نه ٿو ڏي. هڪ ٻئي سوال تي ه?? چيو ته راوي منصوبو هائوسنگ سوسائٽي نه آهي پر پورو شهر ٺهي رهيو آهي جيڪو هڪ لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي ٻڌل هوندو. هن چيو ته جهلم ۾ ا??ان ميگا پراجيڪٽس شروع ڪيا آهن، انشاءَ الله جهلم اسلام آباد جي برابر شهر بڻجي ويندو. اڄ ترقياتي ڪمن جي ڪري هتي زمينن جون قيمتون به وڌيون آهن. هن وقت جيڪي انفراسٽرڪچر جا منصوبا شروع ڪيا آهن انشاءَ الله انهن منصوبن ??ان جهلم جي ترقي جو منظر ئي بدلجي ويندو. هڪ ٻئي سوال تي ه?? چيو ته عالمي منڊي ۾ يوريا جي قيمت 10 کان 12 هزار رپيا في بيگ آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ ان جي قيمت بليڪ مارڪيٽ ۾ به 2200 کان وڌيڪ نه ??هي. عالمي مارڪيٽ ۽ مقامي مارڪيٽ ۾ فرق تمام وڌيڪ آهي، هن وقت جنهن جڳهه تي سرڪاري اگهن تي يوريا ڀاڻ ملي رهي آهي اتي لائينون لڳل آهن. هن چيو ته ڀاڻ جي کوٽ نه پر ورڇ ۾ مسئلا موجود آهن جيڪي جلد ختم ڪيا ويندا.