ڪراچي – 24 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليمي ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ تي ڌيان ڏين ته جيئن ملڪ کي ترقي جي ر??هه تي گامزن ??ري سگهجي. اها ڳالهه هن اقرا يوني??رس??ي جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري 19 هين جلسي کي خطا?? ڪندي چئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي فني تعليم جي اهميت ري روشني وجهندي چيو ته اسان جي تعليم جي اهم جز ۾ اسان جي نوجوان نسل جي صلاحيتن کي نکارڻ جي منطقي سوچ ۽ ڪميونيڪشن اسڪلز جو فروغ هجڻ گهرجي ڇو ته ڪل آبادي جو 64 سيڪڙو 30 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي. هن اقرا يوني??رس??ي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. صدر چيو ته يوني??رس??ي کي گهرجي ته گريجوئيٽس جي انگ ۾ اضافو ڪري. هن ٽيڪنالاجي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ايندڙ 10 سالن ۾ ڪيتريون ئي شيون بدلجي وينديون، ڏندسازي جو 80 سيڪڙو علم آن لائين دستياب آهي، ان لاءِ نوجوانن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ اهڙي قسم جي ماڊل کي ٻين مضمونن جي لاءِ پڻ اختيار ڪري سگهجي ٿو. 40 سيڪڙو کان وڌيڪ يوني??رس??ين جو چانسلر هجڻ جي حيثيت سان هايئر ايجوڪيشن ۽ يوني??رس??ين جي عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ جديد تعليم جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. هن تعليم پرائي فارغ ٿيندڙ شاگردن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته توهان خوش نصيبت آهيو جو تعليم مڪمل ڪئي آهي پر ڪيترائي ماڻهو ان کان محروم آهن. هن چيو ته توهان گريجوئيٽ آهيو ۽ توهان کي انهن ماڻهن بابت سوچڻو پوندو جيڪي تعليم حاصل نه ڪري سگهيا ۽ توهان کي انهن جي لاءِ ڪجهه ڪرڻو پوندو. هن ٻڌايو ته حڪومت ملڪ ۾ رهندڙ غريب ماڻهن جي بهتري لاءِ احساس جهڙا مختلف پروگرام شروع ڪيا آهن.