فيصل آباد – 03 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته شريف خاندان ??ٽ لنڊن جي جائيدادن جا ثبوت نه آهن ته اهي جائيدادون ڪيئن خريد ڪيون، اسان جو نواز شريف سان ڪو به ذاتي جهيڙو نه آهي، هو پاڪستان ??اپس اچي ۽ پنهنجي خلاف ڪيسن کي منهن ڏئي، مخالف ڌر هڪ هفتو فوج، ٻي هفتي عدليه جي خلاف هوندي آهي، اها ئي انهن جي سياسيت آهي، فرقيواريت تي ٻڌل سياست پاڪستان جي مستقبل لاءِ درست نه آهي، ان جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي، مولانا فضل الرحمان جي قيادت مخالف ڌر لاءِ وڏي بدنصيبي آهي، اليڪشن هارائي ته مولانا فضل الرحمان چوندو ته ڌانڌلي ٿي آهي، جيڪڏهن هو کٽي وڃن ته اليڪشن شفاف ٿيا آهن، وڏين سياسي پارٽين کي پنهنجي رويي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، سندن ناڪامي سان ??قصا پاڪستان جو ٿيندو، جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته ملڪ ميل ڪري پنهنجي ڪيسن ۾ رليف حاصل ڪري وٺندو ته ايئن هرگز نه ٿيندو، اسان احتساب جي ايجنڊا تي اليڪشن کٽي آهي، اسان جو ووٽر احتساب تي عمل ٿيندو ڏسڻ چاهي ٿو، اسان احتساب کان ??وئتي نٿا هٽي سگهون، 2022ع ۾ مقامي حڪومتن جي اليڪشن جو سال آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان ??وقعي تي اطلاعات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب به موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته وزيراعظم عمران خان عام ماڻهو جي زندگي کي آسان بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، عالمي منڊي ۾ ڪموڊيٽي ۽ انرجي پرائسز گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، ان جو سڌو سنئون فائدو عوام کي پهچندو. هن ??يو ته پاڪستان استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، ملڪ ۾ مڪمل سياسي ۽ معاشي استحڪام آهي. هن ??يو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون مڪمل ٿي ويون آهن، انشاءُ الله جنوري جي وچ ڌاري فنانس (ترميمي) بل به منظور ٿي ويندو. ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قدر ۾ استحڪام اچي رهيو آهي، وفاقي وزير ??يو ته تيل، گيهه ۽ دالين جي هتي پيداوار ناهي ٿيندي، انهن جون قيمتون اسان طئي نٿا ڪريون، اسان صرف انهن شين جي قيمتن جو تعين ڪري سگهون ٿا جيڪي پاڪستان جي اندر پيدا ٿينديون آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو ته پاڪستان جي اندر پيدا ٿيندڙ شين جون قيمتون هن وقت هن پوري خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهن، ٻاهرين دنيا ۾ تيل جون قيمتون وڌنديون ته هتي به ا??افو ٿيندو، قيمتون گهٽ ٿينديون ته هتي به گهٽ ٿينديون. چوڌري فواد حسين ??يو ته مولانا فضل الرحمان اسان جي حڪومت جي پهرين سال ئي مارچ جي لاءِ اچي ويو هو، 23 مارچ اڃان ??ري آهي، اميد آهي ته هو ان ڏينهن به نه ايندو ۽ جيڪڏهن اچي به وڃي ته ا??ان کي ان سان ڪو به مسئلو نه آهي، هن ??يو ته ا??ان کي نئين سال ۾ تلخين کي گهٽ ڪرڻ گهرجن، وڏيون سياسي پارٽيون وڏن معاملن تي هڪ ٻي سان گڏجي ويهن ۽ سڌارن تي ڳالهيون ڪن، هن ??يو ته سمورين وڏين سياسي پارٽين کي هڪ ڳالهه جو پتو هجڻ گهرجي ته انهن جي ناڪامي سان ??اڪستان جو نقصان ??يندو. هن ??يو ته پارليامينٽ جي اندر ويڙهه ۽ جهيڙي جو عام ماڻهو جي نظر ۾ منفي تاثر قائم ٿيندو آهي جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته هو بليڪ ميل ڪري پنهنجي ڪيسن ۾ رليف حاصل ڪري وٺندو ته ا??ين هرگز نه ٿيندو. عمران خان ??هرين به واضح ڪري چڪو آهي ته ا??ان احتساب جي ايجنڊا تي اليڪشن کٽي آهي، اسان جو ووٽر احتساب جو عمل مڪمل ٿيندو ڏسڻ چاهي ٿو. هن ??يو ته ا??ان تي تنقيد به ڪئي ويندي آهي ته ا??ان زرداري ۽ نواز شريف کان ڦُريل رقم وطن واپس نٿا آڻي سگهون، وڏو پئسو واپس به آيو پر مرڪزي جوابدار ملڪ کان ??اهر آهن، عام ماڻهو ان ??راسيس مان ??طئمن نه آهي، هن ??يو ته اهو چوڻ ته ا??ان احتساب جي عمل تان ??وئٽي هٽي وڃون تڏهن ئي مخالف ڌر ڪا ڳالهه ڪندي ته اهو رويو غير مناسب آهي. هن ??يو ته ا??ان کي چونڊ، معاشي ۽ جڊيشل ريفارمز جي ضرورت آهي، وڏين سياسي پارٽين کي گهرجي ته هو گڏجي ويهي وڏن مسئلن تي ڳالهيون ڪن. هن ??يو ته اليڪٽورل ريفارمز تي ٻه ڀاڱي ٽي کان ??ڌيڪ اهڙا سڌارا آهن جنهن تي حڪومت ۽ مخالف ڌر متفق آهن. نيب چيئرمين جي مقرري ۽ احتساب جي عمل کي شفاف بڻائڻ لاءِ اپوزيشن جي تجويزن جي آجيان ڪنداسين. هن ??يو ته ا??ان کي چونڊ سڌارن، احتساب ۽ عدليه جي سڌارن تي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن انهن معاملن کي اهي پنهنجي ڪيسن سان جوڙيندا ته اهو قبول نه هوندو. چوڌري فواد حسين ??يو ته سياستدانن کي عوام کي اميد ڏيڻ گهرجي ته پارليامينٽ عوام جي مسئلن جي حل جو ادارو آهي، جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ طوفان بدتميزي برپا رهندي ته ماڻهن جون اميدون پارليامينٽ سان ??اڳاپيل نه رهنديون. اسان کي سنجيدگي سان ??عاملن کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي، هن ??يو ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي غير مستحڪم ڪرڻ جون ڪوششون مخالف ڌر پهرين سال ئي شروع ڪري ڇڏيون هيون پر اها ڪجهه نه ڪري سگهي. آگسٽ کانپوءِ حڪومت جو آخري سال شروع ٿي ويندو، ان کان ??هرين مقامي حڪومتن جون چونڊون ٿينديون، مخالف ڌر اليڪشن وڙهڻ جو شوق مقامي حڪومتن جي چونڊن ۾ حصو وٺي پورو ڪري وٺي. هن ??يو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خيبرپختونخوا ۾ شفاف چونڊون ٿيون، هارائڻ ۽ کٽڻ وارن ٻنهي چونڊن جي شفافيت کي تسليم ڪيو، هن ??يو ته عمران خان غير جانبداري تي يقين رکي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو هن ڪڏهن به شفافيت تي ٺاهه نه ڪيو. اسان صاف شفاف چونڊن جي لاءِ نظام جوڙڻ چاهيون ٿا. هن ??يو ته 2022ع بلدياتي اليڪشن جو سال آهي، انشاءُ الله پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جون چونڊون به صاف ۽ شفاف ٿينديون. عوام جي چونڊ تي ڀرپور اعتماد هوندو. هن ??يو ته پي ٽي آءِ ملڪ جي سڀ کان ??ڏي پارٽي آهي، پي ٽي آءِ کانسواءِ ڪا سياسي پارٽي 800 کان ??ڌيڪ سيٽن تي پنهنجا اميدوار بيهاري نٿي سگهي. ن ليگ سينٽر پنجاب ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جون پارٽيون آهن، ڪي پي اليڪشن ۾ اهو تجزيو گهڻو ٿيو ته پي ٽي آءِ پشاور جو اليڪشن هاري وئي پر اهو تجزيو نه ٿيو ته ن ليگ ۽ پ پ پ ته پنهنجا اميدوار ئي بيهاري نه سگهيون. هن ??يو ته فرقيواريت تي ٻڌل سياست پاڪستان جي مستقبل جي لاءِ درست نه آهي، ان جي حوصلا شڪني ٿيڻ گهرجي، وڏين سياسي پارٽين کي پنهنجي روين تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي. پ پ پ ۽ ن ليگ قومي سياست ڪن، پيپلزپارٽي سنڌ جي شهرين کي صحت ڪارڊ کان ??حروم رکيو آهي، جيڪو سنڌ جي عوام سان تمام وڏي زيادتي آهي. سنڌ جي وڏي وزير کي لڳي ٿو ته ان سان سندس سياست متاثر ٿيندي. وفاقي وزير ??يو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان جي سياست، پرڏيهي پاليسي، معيشت تي اسان سڀ متحد آهيون ۽ ان ??وجب اڳتي هلنداسين. هڪ سوال تي هن چيوته مولانا فضل الرحمان اليڪشن هارائي وڃي ته چوندو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، جيڪڏهن هو اليڪشن کٽي وڃي ته اليڪشن شفاف ٿيون آهن، مولانا فضل الرحمان جي مخالف ڌر جي قيادت ڪرڻ ڪيترين ئي مخالف ڌر جي وڏي بدنصيبي آهي.هڪ سوال تي هن ??يو ته نواز شريف کي وطن واپس اچڻ گهرجي، هتي ان تي ڪيس آهن، هو پنهنجي خلاف ڪيسن کي منهن ڏي. اسان جو ان سان ڪو به ذاتي جهيڙو نه آهي، شريف فيملي جي لنڊن ۾ اربين روپين جون جائيدادون آهن، ان ??ٽ ثبوت نه آهن ته اهي جائيدادون ڪيئن خريد ڪيون، جن اپارٽمينٽس ۾ نواز شريف رهي پيو ان جو پئسو ڪٿان کان آيو، انهن وٽ ڪو به جواب نه آهي، چوڌري فواد حسين ??يو ته مولانا فصل الرحمان ??هرين به مارچ لاءِ آيو هو ۽ واپس هليو ويو، 23 مارچ گهڻو پري آهي، اميد آهي ته هو ان ڏينهن به نه ايندو، جيڪڏهن اچي به وڃي ته ا??ان کي ڪو به مسئلو نه آهي، هڪ ٻي سوال تي هن ??يو ته شهباز شريف بيان حلفي جمع ڪرايو هو ته هو نواز شريف کي واپس گهرائيندو، اٽارني جنرل آفيس ان ??عاملي کي ڏسندي، وفاقي وزير ??يو ته مخالف ڌر هڪ هفتو فوج جي مخالف هوندي آهي، ٻي هفتي عدليه جي خلاف، اها ئي انهن جي سياست آهي.