اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اي وي ايم، ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جي حق سميت ٻيا قا??ون منظور ٿيا. مملڪتي وزير پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته قا??ونسازي جو هي عمل ٻنهي ايوانن جي حڪومتي ميمبرن ۽ اتحادين پاران وزيراعظم جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته مخالف ڌر آر يا پار ڪندي خوار ٿي وئي آهي. اطلاع??ت ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??نهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ چيو ته بلاول زر??ار?? گڏيل اجلاس ۾ قا??ونسازي جي لاءِ 222 ميمبرن جو وٽ وجهڻ ضروري هجڻ جو ڪوڙ ڳالهائي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مملڪتي وزير چيو ته گڏيل اجلاس ۾ قا??ونسازي جي لاءِ آئين جي آرٽيڪل 72 (4) تي پڙهي وٺو. هن چيو ته ان آرٽيڪل موجب گڏيل اجلاس جا سمورا فيصلا ايوان ۾ حاضر ميمبرن جي اڪثريتي ووٽ سان ٿيندا.