اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوشنبي روانو ٿي ويو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم تاجڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان ٻطرفي ملاقات لاءِ صدارتي محل جو دورو به ڪندو. وزيراعظم ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ڪاروباري شعبي ?? تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ گڏيل ب??نس فورم کي به خطاب ڪندو. وزيراعظم دوشنبي ?? ايس سي او جي 20 هين سربراهي ۾ شرڪت جي موقعي تي اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن سان م??اقات به ڪندو. دوري دوران وزيراعظم ايران ، قزاقستان، بيلاروس ۽ ازبڪستان جي صدرن سان ٻطرفيون م??اقاتون ڪندو، ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر سان م??اقات ڪندو، وزيراعظم عمران خان سان هڪ اعليٰ سطحي وزارتي وفد به گڏ هوندو.