اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيڙپڪارن جي سهولت ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار ۾ آساني کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ??نو آهي. وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي صنعت واري وزير ميان اسلم اقبال ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي پنجاب ۾ خصوصي اقت??اد?? زونز جي ترقي بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم اقت??اد?? ترقي جي لاءِ سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ فيصل آباد انڊسٽريل اسٽيٽ جي ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سيڙپڪارن جي سهولت ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار ۾ آساني کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ??نو. وزيراعظم ميانوالي ۾ صنعتي اسٽيٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ فزيبلٽي جي پڻ هدايت ڪئي ته جيئن سيمنٽ، شيشي ۽ اسٽيل جي صنعتن جي لاءِ ان جي وڌيڪ قدرتي وسيلن کي استعما?? ڪري سگهجي. اهو مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا ڪيترائي موقعا پيدا ڪري پوري علائقي جي سماجي ۽ اقت??اد?? ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.