اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي هڪجهڙي تعليمي نصاب تي عملدرآمد جي عمل کي صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ??ها هدايت وزيراعظم قومي هڪجهڙي تعليمي نصاب تي عملدرآمد جي حوالي سان پنهنجي صدارت ۾ جائزي اج??اس ۾ ڏني. اج??اس ۾ وفاقي وزير شفقت محمود، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرم ۽ تعليم واري وفاقي وزارت جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير شفقت محمود اج??اس کي تعليمي نصاب ۾ شامل سيرت النبي ﷺ جي تعليمات جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. ان ڏس ۾ سمورن مڪتب فڪر خاص طور تي عالم سڳورن سان تفصيلي ??شاورت ڪئي وئي آهي. استادن جي ٽريننگ ۽ امتحانن جي معيار تي ڌيان ڏنو ويو آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته سيرت النبي ﷺ ئي اسان جي نئين نسل جي لاءِ مشعل راهه آهي. آخري نبي ﷺ جي سيرت جو سڀ کان اهم رخ اخلاق ۽ ادب ۽ حسن طرز زندگي آهي. هن چيو ته سمورن معاشرتي مسئلن جو بهترين حل سيرت النبي ﷺ جي تعليمات ۾ موجود آهي، تاريخ اسلام سان گڏوگڏ رسول الله ﷺ جي حيات مبارڪه مان چونڊ ??نه??ي اصول ٻارن کي پڙهايا ۽ س??جهايا وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قومي هڪجهڙي تعليمي نصاب تي عملدرآمد جي عمل کي صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان جلد مڪمل ڪيو وڃي.