اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ سميت ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ملڪ جو 75 هون آزادي جو ڏهاڙو ڇنڇر ڏينهن 14 آگسٽ 2021ع تي ملي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ايوان صدر ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب کانسواءِ سر??اري ۽ نجي سطح تي تقريبون منعقد ڪيون ويو?? ۽ ??ندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پاڪستان سان والهاڻي محبت جو اظهار ڪيو ۽ آزادي جي تحريڪ جي عظيم هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪيو،
ڏينهن جو آغاز مسجدن ۽ گهرن ۾ ملڪ ۽ قوم جي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائن ۽ وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي سان ٿيو. مزار قائد ۽ مزار اقبال تي گارڊن جي تبديلي جون پروقار تقريبون به منع??د ٿيون، مرڪزي تقريب کان اڳ سائرن وڄايا ويا ۽ هر قسم جي ٽريفڪ روڪجي وئي، اهم سر??اري ۽ نجي عمارتن کي بجلي جي بلبن سان سجايو ويو ۽ هر طرف ساون جهنڊن جي بهار ڏسڻ ۾ آئي ۽ فضا ملي نغمن جي ڌنن سان گونجڻ لڳي.
ڇنڇر ڏينهن پوري قوم ملڪ اندر ۽ ٻاهر آزادي جو ڏهاڙو ان عزم کي ورجائڻ سان ملهايو ته ملڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ اسلامي فلاحي ملڪ بڻائڻ لاءِ تحريڪ پاڪستان جي جذبي کان ڪم ورتو ويندو. ڏينهن جو آغاز وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي سان ٿيو. ان موقعي تي پاڪستان جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون ڪيون ويون، سمورين سر??اري ۽ نجي عمارتن تي قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويا، جهنڊو ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿي جنهن ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جهنڊو ڦڙڪائڻ جون اهڙيون ئي تقريبون سڄي ملڪ ۾ صوبائي، ڊويزنل ۽ ضلعي سطح تي به منعقد ڪيون ويون.
سرڪاري ۽ نجي عمارت?? ۽ ??ستن، بازارن ۽ مارڪيٽن کي شاندار انداز ۾ سجايو ويو، آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ قومي جهنڊا، جهنڊيون پاڪستان جي باني?? ۽ ??حريڪ پاڪستان جي هيروز جون تصوير?? ۽ ??ينر هر هنڌ لڳايون ويون. پاڪستان ٽيلي ويزن، ريڊيو پاڪستان ۽ ٻين ميڊيا جي ذريعن پاران ان ڏينهن جي موقعي تي ڊگهي وقت واري نشريات نشر/ٽيلي ڪاسٽ ڪيون ويو?? ۽ ??خبارن ۾ خصوصي ايڊيشن شايع ٿيا جڏهن ته سوشل ميڊيا به آزادي جي ڏهاڙي جي پيغامن جي حوالي سان خصوصي بينرز سان متحرڪ رهيو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب کي خطاب دوران چيو ته الله تعاليٰ اسان جي قوم کي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ بيهڻ جي صلاحيت سان نوازيو آهي، ڪوڙين خبر?? کان بچي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، الله تعاليٰ جو لک ٿورو آهي جنهن هند جي مسلمانن کي مشڪلاتن مان ڪڍيو ۽ هڪ قوم جي طور تي آزاد ملڪ ۾ جيئڻ جو حق ڏنو.