استنبول – 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ ??ا لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام کان وڌيڪ آهن، پاڪ ترڪ گڏيل لاڳاپا پرامن گڏيل بقاءَ ۽ گهڻ رخي حصيداري تي ٻڌل آهن. ترڪيءَ ۾ تيار ڪيل پي اين ايس ??ابر جي پهرين ملجم ڪلاس ڪورويٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صدر عالمي امن ۽ استحڪام جي حوالي سان ترڪيءَ جي ڪردار کي ساراهيو. تقريب ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردوان، خاتون اول ثمينه علوي ۽ ترڪ حڪومت جي اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ترڪي سان گڏ بيٺل رهندا. هن چ??و ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ کي هڪ جهڙا مسئلا ۽ خطرا درپيش آهن ۽ ٻنهي ملڪن سيڪيورٽي تعاون کي سگهه ڏني آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ ترڪيءَ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ترڪ دفاع واري وزارت جي ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏني. هن چ??و ته پاڪستان ترڪيءَ جي دفاعي مصنوعات جي هڪ وڏي مارڪيٽ آهي. صدر وڌيڪ چ??و ته ملجم سامونڊي جهاز جي تياري ۾ حصيداري سان نه رڳو پاڪ بحريه جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو پر ان سان گڏيل لاڳاپن جي وڌيڪ استحڪام ۾ پڻ مدد ملندي. هن ڪوويڊ 19 جي مسئلن جي باوجود هڪ وڏو سنگ ميل حاصل ڪرڻ تي سمورن حصيدارن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي ??ڌا??و ته تازن عالمي معاملن ۾ اخلاقيات کي ثانوي حيثيت ڏني وڃي ٿي جڏهن ته مستقبل ۾ اخلاقيات ئي قومن جي رهنمائي ڪندي ۽ ان حوالي سان پاڪستان ۽ ترڪيءَ جو ڪردار اهم هوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چ??و ته ملجم سامونڊي جهازن جي تياري جي معاهدي موجب پهريون ۽ ٽيون سامونڊي جهاز ترڪيءَ ۾ تيار ڪيو ويندو جڏهن ته ٻيو ۽ چوٿون سامونڊي جهاز پاڪستان ۾ تيار ڪيو ويندو. هن چ??و ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ ??ا لاڳاپا رڳو حڪومتن جي وچ ۾ ئي نه آهن پر ٻنهي ملڪن جي عوام ??ا لاڳاپا به مستحڪم آهن. هن چ??و ته ڪوڙين خبرن جي حڪ??ت عملي نئين ڳالهه نه آهي پر اهو هڪ پراڻو مسئلو آهي. هن چ??و ته اڄ جي دور ۾ معلومات به آزاداڻي نه آهي بلڪه ان جا به پڙدي پٺيان مقصد آهن. هن چ??و ته اسلامي قدرن موجب اطلاعات آزاداڻي ۽ سڀني جي مفاد ۾ هجڻ گهرجي. هن افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ گهرائڻ تي ترڪ صدر جا ٿورا پڻ مڃيا. بعد ۾ سامونڊي جهاز جي لانچنگ کان اڳ خاتون اول ثمينه علوي دعا ڪئي هي حصيداري پاڪستان جي لاءِ خوش آئنده ثابت ٿيندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هي جهاز وقار ۽ ڪاميابي سان پاڪستان جو جهنڊو سربلند ڪندو. هن ان جي ڪاميابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ترڪ صدر رجب طيب اردوان چ??و ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان ٺوس ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چ??و ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ افغانستان ۾ جلد کان جلد استحڪام جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻندا. هن وڌيڪ چ??و ته پاڪستان سان ترڪيءَ جو تعاون جاري رهندو. هن چ??و ته خطي جي مسئلن جو خاتمو پاڪستان جي مدد سان ممڪن آهي. هن چ??و ته معاهدي تحت پاڪستان نيوي جي لاءِ تيار ڪيل جهاز پاڪستان ۽ ترڪيءَ ۾ تيار ڪيا ويندا. هن چ??و ته منصوبي جي شروعات 2019ع ۾ ٿي هئي جيڪو 2025ع تائين مڪمل ٿيندو. ترڪ صدر وڌيڪ چ??و ته ترڪ دفاع واري وزارت مختلف ملڪن سان تعاون ڪري رهي آهي جڏهن ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ خاص مقام رکي ٿو. رجب طيب اردوان چ??و ته ٻئي ملڪ گڏيل حصيداري کي دنيا جي لاءِ مثالي بڻائيندا.