اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي ۽ صوبائي حڪ??متن ۽ اسٽيٽ لائيف ڪارپوريشن کي صح?? ڪارڊ پروگرام جي حوالي سان خصوصي يونٽس جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي جيڪو ان پروگرام تي عملدرآمد تي مسلسل نظر رکي ۽ ڪنهن به درپيش مسئلي کي فوري طور تي حل ڪري، اطلا??ات واري وزارت جي مدد سان پروگرام جي مناسب مشهوري ڪئي وڃي ته جئين وڌ کان وڌ عوام کي ان پروگرام ۽ ان جي افاديت کان آگاهي حاصل ٿئي ته جئين هو ان مان فائدو کڻي سگهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ صحت جي شعبي ۾ حڪ??مت جي تاريخي قدمن ”صحت سهول?? ڪارڊ“ جي ذريعي عوام کي صحت جي معياري سهولتن ??ي فراهمي جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسين راشد، خيبرپختونخوا جو صحت وارو وزير تيمور سليم جهگڙا، صحت بابت وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽري ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا صوبي ۾ صح?? ڪارڊ جي فراهمي، فائدو حاصل ڪندڙ ماڻهن جا انگ اکر ۽ هن وقت تائين ان پروگرام تي ٿيندڙ خرچن ۽ ان جي نتيجي ۾ عوام کي پهچندڙ رليف تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا صوبي ۾ صح?? ڪارڊ پروگرام جي ذريعي مختلف سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسپتالن ۾ ٻه لک 10 هزار 2 سئو ايڊميشنز جي ذريعي لکين ماڻهو مستفيد ٿي چڪا آهن، جنهن تي هن وقت تائين 5.3 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صح?? ڪارڊ جي ذريعي 26 مختلف بيمارين جي ڏس ۾ عوام کي معياري سهولت جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي، ان ۾ دل سميت اهڙا مرض به شامل آهن جنهن جو علاج وڏو مهانگو ۽ غريب خاندانن جي مالي وسيلن کان ٻاهر هوندو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب صوبي ۾ هن وقت تائين 85 لک خاندانن کي صح?? ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، وزيراعظم صحت سهول?? ڪارڊ جي ذريعي عوام کي ميسر ايندڙ رليف تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته صحت جي معياري سهولتن ??ي فراهمي جو موجوده پروگرام ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو ۽ تاريخي پروگرام آهي، هن چيو ته پهريون ڀيرو موجوده حڪ??مت صحت جي حوالي سان ڪمزور طبقن جو احساس ڪندي اهڙو جامع پروگرام شروع ڪيو آهي جنهن جي ڪري نه رڳو سرڪاري پر پرائيويٽ اسپتالن مان به ڪمزور طبقي کي صحت جو معياري سهولتون ميسر اچي رهيون آهن، وزيراعظم چيو ته صحت سهول?? ڪارڊ سان هيلٿ سيڪٽر ۾ هڪ نئون نظام جوڙيو پيو وڇي، موجوده پروگرام سان پرائيويٽ سيڪٽر جي اسپتالن کي فروغ حاصل ٿيندو ۽ کين ٻهراڙي ۽ ڏورانهن علائن ۾ پنهنجون خدمتن ??ي فراهمي ۾ مدد ملندي، وزيراعظم وفاقي ۽ صوبائي حڪ??متن ۽ اسٽيٽ لائيف کي هدايت ڪئي ته صح?? ڪارڊ پروگرام جي حوالي سان خصوصي يونٽس جوڙيا وڃن جيڪي ان پروگرام تي عملدرآمد تي مسلسل نظر رکن ۽ ڪنهن به درپيش مسئلي کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اطلا??ات واري وزارت جي مدد سان پروگرام جي مناسب مشهوري ڪئي وڃي ته جئين وڌ کان وڌ عوام کي ان پروگرام ۽ ان جي افاديت کان آگاهي حاصل ٿي ۽ هو ان مان فائدو کڻي سگهي.