اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا جي امير ترين ملڪن گوبل وارمنگ جي مقابلي لاءِ مناسب قدم ناهن کنيا، پاڪستان گرمي پد ۾ گهٽتائي جي حوالي سان دنيا جي ڪنهن به ٻي ملڪ جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. ڇنڇر 5 جون 2021ع تي ملهايو ويندڙ گڏيل قوم?? جي ”ماحوليات جي سالياني عالمي ڏينهن“ جي ميزباني پاڪستان ڪري رهيو آهي، تازن سالن ۾ پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ شديد ٻوڏن سبب وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، جنه?? جي ڪري لکين ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پوندي آهي جڏهن ته ٻوڏ سبب زرع?? زمين به شديد متاثر ٿيندي آهي، برطا??وي خابرو اداري رائٽرز س??ن ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان سوال ڪيو ته ڇا ترقي يافته دنيا ان حوالي سان مناسب ڪم ڪيو آهي؟ جنهن جو جواب نفي ۾ آهي، هن چيو ته ماحول دشمن گيسز جو وڌيڪ اخراج ترقي يافته ملڪن ۾ آهي ۽ آئون سمجهان ٿو ته انهن گئس?? جي اخراج کي روڪڻ لاءِ مناسب قدم ناهن کنيا ويا، وزيراعظم عمران خان چيو ته هلندڙ سال ماحوليات جي عالمي ڏينه?? جي موقعي تي گڏيل قوم?? جي ايڪو سسٽم جي بح??لي جي ڏهاڪي جو آغاز ڪيو پيو وڃي. هن ايڪو سسٽم کي پهچندڙ نقصا?? جي خاتمي ۽ ا?? جي بح??لي لاءِ تيز ترين قدم?? جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خا?? جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ بح??لي جا ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن جنهن ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو منصوبو به شامل آهي ان سلسلي ۾ هلندڙ هفتي جي دوران وزيراعظم ان مهم تحت اربين وڻ لڳايا آهن