اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد ??اد?? سنجراڻي سان صوماليه جي سفير مس خديجه محمد الامخدومي پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ اهم معاملن سميت علائقائي صورتحال، واپاري ۽ اقتص??دي تعاون تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب محمد ??اد?? سنجراڻي چيو ته پاڪستان صوماليه سان گڏيل لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻي لاڳاپن کي گهڻ رخي سطح تي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، سينيٽ چيئرمين چيو ته صوماليه سان واپاري ۽ اقتص??دي ۽ عوامي ۽ پارلياماني رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻئي ملڪ سدائين هڪ ٻئي جي موقف جي عالمي فورمن تي حمايت ڪئي آهي جيڪو قابل تحسين آهي، سينيٽ چيئرمين چيو ته عالمي فورمن تي بهترين تعاون موجود آهي جتان مسئلن جي حل لاءِ نه رڳو ??دم کنيا ويندا آهن پر گڏيل لائحه عمل به اختيار ڪيو ويندو آهي.