اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته چين ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جو دنيا ۾ مثال ??ه ٿو ملي، گڏيل مفادن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏنو وڃي ۽ سيڙپڪارن کي سموريون ممڪن مراعتون ڏنيون وڃن، پرڏيهي خاص طور تي چيني سيڙپڪارن کي ڊگهي مدي واري ويزا جاري ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن. هو پنهنجي صد??رت ۾ سي پيڪ منصوبن تي اڳڀرائي ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صد??رت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ سي پيڪ منصوب?? تحت سيڙپڪاري، حڪومت پاران چيني سيڙپڪارن کي ڏني ويندڙ سهولتن ۽ ڪجهه معاملن ۾ سيڙپڪارن کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي فوري حل تي تفصيلي ??الهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ خاص طور تي چيني سيڙپڪارن کي ڊگهي مدي واري ويزا جاري ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.