اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي بئنڪ پاران احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جو شمار عالمي سطح جي پهرين 4 وڏن سماجي تح??ظ پروگرامن ۾ ڪرڻ تي خاص معاون سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ احساس ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ا??هن کي اهو سنگ ميل مبارڪ هجي، اهي ان اعزاز ۽ عالمي پذيرائي جا پوري طرح حقدار هئا. اها ڳالهه هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چئي. وزيراعظم عمران خان عالمي بئنڪ پاران احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام بابت رپورٽ پڻ شيئر ڪئي. عالمي بئنڪ عالمي سطح تي ڪوويڊ 19 کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ سماجي تح??ظ پروگرامن تي ٻڌل هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي.