اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت اليڪشن (ٻيون ترميمي) آرڊيننس 2021ع جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن (1) 94 ۽ سيڪشن 103 ۾ ترميم ڪئي وئي. سيڪشن (1) 94 تحت سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آرڊيننس ت??ت اليڪشن ڪميشن نادرا يا ڪنهن ٻي اٿا??ٽي يا ايجنسي جي فني مدد سان عام چونڊن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ وجهڻ جي قابل بڻائيندي.