اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سي پيڪ جي جاري منصوبن تي ڪم جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ کي هر قيمت تي م??مل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي چين – پاڪستان اقتصادي راهداري سي پيڪ تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجل??س ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، ??اڻي واري وزير شوڪت فياض ترين، صنعت واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ??نصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، ??زيراعظم ج?? صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وار?? صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين عاطف بخاري، سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه ۽ اعليٰ سطح جي آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي سي پيڪ تحت مختلف شعبن ۾ جاري منصوبن تي اڳڀرائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. اجل??س ۾ ٻڌ??يو ويو ته موجوده حڪومت نه رڳو اڳوڻي حڪومت طرفان شروع ڪيل منصوبن جي تڪميل ڪئي پر رڳو اڍائي سالن جي اندر ڪيترن ئي اهم منصوبن کي به م??مل ڪيو. اجل??س ۾ انفرااسٽرڪچر جي ترقي جي منصوبن جي حوالي سان ٻڌ??يو ويو ته ان کان هٽي ڪري ته ڪوبه منصوبو ڪنهن شروع ڪيو، وڌيڪ منصوبا موجوده حڪومت م??مل ڪيا.