اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام ک?? رليف جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، عوامي نمائندن کي پنهنجي تڪن جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ قانونساز اسيمبلين ۾ آواز اٿاري مثبت ڪردار ادا ڪ??ڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوابي سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽر لياقت ترڪئي، ايم اين اي عثمان خان ترڪئي، صوبائ?? وزير شهرام ترڪئي، ايم پي اي محمد علي ترڪئي ۽ خا?? مددگار ملڪ عامر ڊوگر به موجود هو.