اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سينيٽ جي چونڊن ۾ سدائين پئسي جي ڏيتي ليتي ۽ هارس ٽريڊنگ ٿيندي رهي آهي، ملڪ تاريخ جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي، پئسي، اثررسوخ ۽ ڌوئنس جو ڪلچر تبديل ڪرڻو پوندو، مخالف ڌر وٽ موقعو آهي، اها سينيٽ اليڪشن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ عدالت ۾ ان جي ??لاف دليل ڏيڻ بدران قانون جي ??مايت ڪري، پئسي جي ??ور تي سينيٽ ۾ ايندڙ عوام جو نه پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪن ٿا. سينيٽ جي ??جلاس ۾ صدارتي آرڊيننس جاري ڪرڻ بابت رٿ تي بحث دوران ڳالهائيندي هن چيو ته ان معاملي جو هڪ قانوني ۽ ٻيو اخلاقي رخ آهي، اهو معاملو عدالت ۾ به ٻڌڻي هيٺ آهي، ڏک ان ڳالهه جو آهي ته هي ايوان جيڪو مٿيون ايوان آهي ۽ هتي ماضي ۾ سينيٽ جي ??ليڪشن جي ??والي سان جيڪي سوال ڪيا ويندا رهيا آهن، پئسي جي ڏيتي ليتي ۽ هارس ٽريڊنگ لازم ملزوم بڻجي وئي هئي، مخالف ڌر ميمبرن ان بابت هڪ لفظ تائين نه چيو. هن چيو ته جمهوريت ۽ جمهوريت جي ??اقت پارليامينٽ هوندي آهي ۽ جيڪڏهن اهڙن ادارن ۽ خاص طور تي سينيٽ جي ??ليڪشن کي تڪراري بڻايو وڃي ته اس??ن کي اهو سوچڻ گهرجي ??ه اس??ن اهڙو ڪهڙو قدم کڻي سگهون ٿا جو هن ايوان جو تقدس بحال رهي. سينيٽ جون چونڊون سدائين تڪراري رهيون آهن، پئسي جي ڏيتي ليتي جي لعنت کي ختم ڪرڻ جي ??رورت آهي، تحريڪ انصاف جي ??ڪومت ۽ وزيراعظم عمران خان سدائين ان ڳالهه جو داعي رهيو آهي ته هن ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن نقصان پهچايو آهي. عالمي دنيا ۾ جن ملڪن ۽ جمهوريتن ۾ ڪرپشن آهي اهي سڀ کان پٺتي آهن ۽ اهي ملڪ جتي جمهوريت مضبوط آهي ۽ اقتصادي ترقي آهي، اتي قانون جي ??ڪمراني اهو بنيادي جز آهي جنهن تي اهي عمل ڪن ٿا. بدقسمتي سان اس??ن جي ملڪ جو اهو ڪلچر بڻجي ويو آهي ته ڪرپشن کي ڪرپشن ئي نه ٿو سمجهيو وڃي ۽ اڄ ان ڳالهه جو هتي به احساس ٿيو آهي ته ڪنهن ذڪر تائين ناهي ڪيو ته سينيٽ جي ??ليڪشن ۾ ڏيتي ليتي ۽ هارس ٽريڊنگ ٿئي ٿي ۽ ڪهڙي طريقي سان ختم ڪئي وڃي ۽ ان بدران قانوني بحث ۾ الجهايو وڃي ٿو ته جيئن عوام اهو نه سمجهي سگهي ته هي رڳو قانوني معاملو آهي يا اخلاقي معاملو به آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان اخلاقيات ۽ انهن قانونن تي جيڪي اس??ن جي ??ميني حقيقتن سان هڪ جهڙائي نه ٿا رکن، ان تي قانونسازي نه ٿي ڪري سگهجي، اس??ن ڪهڙي اهڙي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جنهن تي مخالف ڌر کي اعتراض ٿي سگهي ٿو. مخالف ڌر پارٽين جن معاملن تي ميثاق جمهوريت تي اتفاق ڪيو ۽ ان جي ??ق 23 بلڪل واضح آهي ان تي انهن صحيحون ڪيون آهن. ڪهڙو سبب آهي جو 10 سال انهن ٻنهي پارٽين جون حڪومتون رهيون آهن پر انهن ان تي عملدرآمد نه ڪيو. ڇا اهو واجبي دستاويز هو ۽ ان تي عملدرآمد انهن جو مقصد نه هو يا هڪ طرح جو اقتدار ورهائڻ جو معاهدو هو. جيڪڏهن اهڙي ڳالهه آهي ته پوءِ مخالف ڌر کي انصاف ??لي?? آهي، هاڻي انهن کي عدالت ۾ ان جي ??لاف دليل ڏيڻ بدران ان قانون جي ??مايت ڪرڻ گهرجي. شبلي فراز چيو ته انهن کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي ??ه پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??ڪومت جيڪ?? ڪجهه چئي رهي آهي ته ڇا اهو اخلاقي طور تي صحيح آهي يا نه، ڇا اها حقيقت نه آهي ته ملڪ ۾ سينيٽ جي ??ليڪشن ۾ خريد ۽ وڪرو ٿيندو آهي، جيڪڏهن اهڙي ڳالهه نه آهي ته بيشڪ ان جي مخالفت ڪريو، قانون جي ??ڪمراني تمام اهم آهي پر ان سان گڏ اخلاقي رخ کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي، قانون ۾ اخلاقيات، عالمي اصول ۽ زميني حقيقتون سڀ شامل هوندا آهن.