اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انساني ??رقي بابت قومي ڪميشن ملڪ ۾ عالمگير پرائمري تعليم جي فروغ لاءِ ڪم ڪري ۽ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي لاءِ رسمي ۽ غير رسمي تعليم تي ڌيان ڏي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي انساني ??رقي بابت قومي ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر امير الله مروت سالياني ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. انساني ??رقي بابت قومي ڪميشن جي چيئرمين صدر کي انساني ??رقي ۽ پرائمري تعليم جي فروغ ۾ ڪميشن جي مستقبل جي منصوبن ۽ ڪردار تي بريف??گ ڏني.