اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد ق??صر چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ منفرد نوعيت جا دوستاڻا لاڳاپا دنيا جي لاءِ مثال آهن، ٻنهي دوست ملڪن ۾ لاڳاپا گڏيل احترام، اعتماد، مفادن ۽ اسٽريٽجڪ حصيد??ري تي هموار آهن، ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا هر گذ??ندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط کان مضبوط ٿيندا رهيا آهن، هلندڙ مهيني دوران سي پيڪ تحت رشڪئي اڪنامڪ زون جو افتتاث ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هن چين جي سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.